پيار جي موٽ ۾

پيار جي موٽ ۾

پيار جي موٽ ۾

پيار جي موٽ ۾ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري شاعر ۽ اديب مشتاق بخاريءَ جي چؤسٽن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ ناليوارن شاعرن سعيد ميمڻ، ضراب حيدر، قلب سومرو، مشتاق مغل، ساجده جبين جا رايا پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سُر وار چؤسٽا پڻ شامل آهن، جن ۾ سر ڪربلا، سر سنڌ، سر ڌرتي، سر ڪالاباغ ڊيم، سر وڏيرو، سر قوم، سر ماحول، سر زندگي، سر سالگرهه، سر خط، سر عيد، سر چنڊ،
سر عشق، سر شاعري، سر اياز، سر بخاري، سر سرمد، سر مريد عباس، سر عاصم، سر دعا وغيره شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 100 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، آجيان پبليڪيشن ڊکڻ، 1999ع تي ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 45 روپيا آهي.


لفظ پيار جي موٽ ۾ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو